چؤنئرا/ رانھان

چؤنئرا/ رانھان

چؤنئرا/ رانھان

چؤنئرا/ رانھان (Cow Peas): سنڌ ۾ چونئرن/ رانهن جو هي فصل خريف جي مند ۾ ٿيندو آھي. ھن فصل کي واڌ لاءِ گرم موسم جي ضرورت پوي ٿي. چؤنئرا/ رانهان برصغير جو فصل آهن، جتان دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن پکڙيو. چؤنئرا آفريڪا ۽ چين ۾ پڻ پوکيا وڃن ٿا.انھن ملڪن کان سواءِ اتر ايشيا ۽ يورپ ۾ به ھن فصل جي پوکائي ڪئي وڃي ٿي. چؤنئرا خريف جي دالين مان ھڪ مکيه فصل آھي. ھيءُ فصل بھار جي موسم ۾ پوکبو آھي. ھن فصل جون سايون ڦريون 45 کان 50 ڏينھن ۾ تيار ٿي وينديون آهن. چؤنئرا لحميات (Protein) سان ڀرپور ٿين ٿا


هن صفحي کي شيئر ڪريو